نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جهار کنڊ جي ڌمباد ۾ هڪ ناري کي قتل ڪيو ويو. قتل جو سبب عشق جو چڪر ٻڌايو پيو وڃي. اهو معاملو بينڪ موڙ پوليس اسٽيشن جي علائقي ۾ پيش آيو جتي 23 جنوري تي شري رام پلازا ۾ واقع ٽاٽا ميوچوئل فنڊ جي آفيس ۾ نشا ڪماري نالي ناري جو لاش شڪي حالت ۾ مليو هو.
ناري کي چاقو جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، لاش جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهتي ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو.
ناري جي پيءُ بينڪ موڙ پوليس اسٽيشن ۾ برانچ مئنيجر نيرج آنن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
قتل جي هن واقعي بعد برانچ مئنيجر فرار ٿي ويو هو. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ناري جي آفيس اچڻ ۽ برانچ مينيجر جي ٻاهر نڪرڻ جي وڊيو رڪارڊ ٿي وئي.
پوليس برانچ مينيجر کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وٽانئس چاقو به هٿ ڪيو ويو ۽ ٻه موبائيل فون به قبضي ۾ ورتا ويا.
ڊي ايس پي ٻڌايو ته مقتول ناري ۽ جوابدار گڏ ڪم ڪندا هئا، جوابدار جي اڳ به شادي ٿيل هئي ٻنهي وچ ۾ محبت جو چڪر هلي رهيو هو.
مقتول 22 سالن جي ناري جي رڳو 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي.
پوليس معاملي کي تقريبن حل ڪري ورتو آهي ۽ چيو آهي اهو عشق جو معاملو آهي.