اسرائيلي وزيراعظم جو انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي رد عمل

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انصاف جي عالمي عدالت جي عبوري حڪمن تي ردعمل ڏنو آهي.
نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل هن وقت وڏي جنگ ۾ مصروف آهي.
هن چيو ته عالمي قانونن تحت اسرائيل جو دفاع جاري رکنداسين، اسرائيل خلاف نسل ڪشي جو ڪيس منظور ڪرڻ نه ڌوپجندڙ ڪارو داغ آهي.
واضح رهي ته انصاف جي عالمي عدالت (آِ سي جي) فلسطينين جي نسل ڪشي بابت ڪيس ۾ ڏکڻ آفريقا جي لڳايل الزام درست قرار ڏيندي ڪيس نه ٻڌڻ جي اسرائيلي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت اسرائيل کي حڪم ڏيندي چيو ته اسرائيلي فورسز نسل ڪشي جا قدم روڪي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.