برسبين ( ويب ڊيسڪ ) برسبين ۾ ويسٽ انڊيز خلاف آسٽريلوي بيٽر عثمان خواجا جي وڪيٽ حاصل ڪرڻ تي بالر انوکي انداز ۾ جشن ملهائي ان کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
ويسٽ انڊيز طرفان پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ ڪيون سنڪليئر جي بال تي عثمان خواجا ڪئچ آئوٽ ٿيو، پهرين ٽيسٽ وڪيٽ وٺڻ تي ڪيون جي خوشي ملهائڻ جو انداز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو .
برسبين ۾ جاري سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز جي اسڪور 311 رنسن جي جواب ۾ بيٽنگ ڪري رهي هئي.
The videopic.twitter.com/0BIkqGGn5s
— Hemaram Saran (@saran_hemaram) January 26, 2024
ويسٽ انڊين اسپنر ڪيون سنڪليئر 75 تي بيٽنگ ڪندڙ عثمان خواجا کي ڪيچ آئوٽ ڪيو ۽ پهرين ٽيسٽ وڪيٽ جو جشن ملهائيندي قلابازيون کاڌيون، جنهن کي ميدان ۾ ويٺل تماشائين گهڻو انجواءِ ڪيو.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 289 رنن 9 وڪيٽن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي.
ويسٽ انڊيز ٻي اننگز هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 13 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي آسٽريليا خلاف 35 رنسن جي سرسي حاصل آهي.