برساتن لاءِ دعائن رنگ لاتو: موسميات کاتي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي 27 جنوري کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برساتن ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسم جو احوال ڏيندڙن جو چوڻ آهي ته خشڪ موسم بعد اولهه جون هوائون اڄ ملڪ ۾ داخل ٿي وينديون جيڪي 27 جنوري کان 31 جنوري تائين ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ موجود رهنديون.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

انهن ڏينهن ۾ چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد، مانسهرا، هري پور، ڪوهاٽ ۽ بنون ۾ برسات جو امڪان آهي.

ڪوئيٽا، زوب، زيارت، چمن، بارکان ۽ مڪران جي ساحلي علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ برفباري پئجي سگههي ٿي.

اسلام آباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، سرگوڌا ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پنجاب، خيبرپختونخوا ۾ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جو اشارو به ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.