ڪويت وڏي دهشتگردي کان بچي ويو

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام ٿي وئي، دهشتگرد تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪويتي اختيارين ٻڌايو آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جو مسلمانن جي عبادت گاهن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو هو، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري عبادت گاهن کي حملن کان بچائي ورتو آهي.
اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ڪيل دهشتگردن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ پبلڪ پراسيڪيوشن وٽ موڪليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.