مسلسل نو بالز غلطي يا فڪسنگ؟ شعيب ملڪ جو بيان سامهون اچي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) ۾ فڪسنگ جي الزام تي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جو بيان سامهون آيو آهي.
شعيب ملڪ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فڪسنگ الزامن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس بابت ڦهلايل فڪسنگ جون خبرون بي بنياد آهن.
هن چيو ته فارچيون باريشال جي ڪپتان تميم اقبال سان معاملي تي ڳالهه ٻول ڪئي آهي، دبئي ۾ مصروفيت سبب بي پي ايل ڇڏڻي پئي، ضرورت پوڻ تي فارچيون باريشال لاءِ دستياب آهيان.
شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ کان پهرين خبر جي تصديق ڪرڻ گهرجي، اهڙي قسم جي خبرن سان انسان جي ساک متاثر ٿيندي آهي.
معاملو ڇا آهي؟
پي بي ايل جي هڪ ميچ ۾ شعيب ملڪ بالنگ دوران مسلسل ٽي نوبالز هلايا هئا جنهن کانپوءِ نوبالز بابت سان ميچ فڪسنگ جا الزام سامهون آيا هئا.


فرنچائز فارچيون باريشال جي مالڪ ميزان الرحمان پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته شعيب ملڪ خلاف ميچ فڪسنگ بابت هلندڙ خبرون بي بنياد آهن، شعيب ملڪ هڪ سٺو ڪرڪيٽر آهي، هن اسان جي ٽيم لاءِ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته شعيب ملڪ هڪ سينيئر ڪرڪيٽر آهي، اسان کي سندس عزت ڪرڻ گهرجي ۽ هو عزت لهڻي ٿو.
واضح رهي ته شعيب ملڪ ٽي ڏينهن اڳ پي بي ايل جي ميچ کيڏڻ کانپوءِ بنگلاديش کان ٽي ٽين ليگ کيڏڻ کانپوءِ يو اي ايِ هليوويو .
ٻئي پاسي شعيب ملڪ جي ٽيم فارچيون باريشال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شعيب ملڪ کي ايندڙ ميچ کان اڳ واپس اچڻو هو پر هاڻ هن ٻڌايو ته آهي ته هو چار فيبروري تي ايندو، تنهنڪري ٽيم مئنيجمينٽ شعيب ملڪ کي ايندڙ ميچون نه کيڏائڻ ئي بهتر سمجهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.