سون جي اگهه ۾ واڌ جاري، سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون چار سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 14 هزار ٻه سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون جي قيمت 342 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک ٽياسي هزار ڇهه سئو ٻائيتاليهه رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون چار ڊالر مهانگو ٿيڻ سان 2020 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.