ملڪ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ موبائيل فون واهپيدارن جو انگ 19.2 ڪروڙ تائين پهچي چڪو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم کي سالياني رپورٽ پيش ڪئي.
رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني ۾ 17 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 850 ارب روپين تائين پهتي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
رپورٽ موجب 2023ع ۾ موبائيل فون واهپيدارن جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ته هاءِ اسپيڊ براڊ بينڊ واهپيدارن جو انگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.