اسلام ڪوٽ (رپورٽ: غازي بجير ) ٿرڪول بلاڪ ون جي ڪمپنين خلاف ڳوٺاڻن جي ريلي،ڌرڻو،آزاد اُميدوار لجپت سوراڻي ۽ مهرالنساءِ بلوچ احتجاج ۾ شامل، ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي متاثرن پاران ستين ڏينهن به ڪمپنين جي زيادتين خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو مظاهرو ڪيو ويو، اين اي 215 تي بيٺل پي ٽي آءِ جي آزاد اُميدوار مهرالنساءِ بلوچ، پي ايس 54 تي بيٺل پي ٽي آءِ جي آزاد اُميدوار لجپت سوراڻي ساٿين سميت ريلي ۾ شرڪت ڪئي، مختلف ڳوٺن وروائي ۽ تلوايو جي متاثرن ڪڪو مهراڻ پوٽو، اميرحسن راهمون، فدا حسين، حاجي سومار لنجو، والم ميگھواڙ، يوسف لنجو ۽ ٻين بلاڪ ون جي سائينو سنڌ ريسورسز ۽ شنگهائي اليڪٽرڪ ڪمپني جي زيادتين خلاف ستين ڏينهن به تعمير بئنڪ ننگر موڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان مسلسل چار سالن کان ڪمپنين جي ظلم هيٺ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون، ڪمپني جي مائننگ مان نڪرندڙ دز، ڪول جيڪو گهرن جي بلڪل پاسي ۾ ڊمپ ٿيل آهي ان جي ڊسٽ سبب ڪئي بيماريون پکڙجي ويون آهن ٻنهين ڳوٺن ۾ڪاب ڊسپينسري نه آهي ڪمپنين طرفان هڪ روپئي جو سهڪار ناهي، رائلٽي الائي ڪٿي پئي خرچ ٿئي،کارو پاڻي گهرن جي ويجهو ڇوڙ ڪيو ويو آهي، ان ڪري جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون مال مري رهيو آهي وسڪاري ۾ ڊمپنگ تان لهندڙ پاڻي ڪئي گهر ۽ زمينون ٻوڙيو ڇڏي ٿو، ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.