پي ٽي آءِ هدايتون نظرانداز ڪيون، بيٽ جو نشان نه ٿو ملي سگهي: سپريم ڪورٽ

 سلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان نه ڏيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاڪستان  تحريڪ انصاف کي بٽ جو نشان واپس نه ڪرڻ واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لکيل 38 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن بابت پنهنجي ئي ميمبرن کي اوندهه ۾ رکيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ڪيترائي نوٽيس جاري ڪيا، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس باوجود پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون، ان ڪري قانون موجب پي ٽي آءِ اليڪشن نه ڪرائي. بٽ جي علامت ڏئي سگهجي ٿو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.