سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ريئل مي سي ريز جو مڊ رينج فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو.
ريئل مي سي 67 کي ڪجهه هفتا اڳ عالمي مارڪيٽ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻي ان جي قيمت گھٽائي ان کي پاڪستان ۾ به پيش ڪيو ويو آهي.
ريئل مي سي 67 کي 6.72 انچن جي اسڪرين، سنيپ ڊريگن جي چِپ ۽ اينڊرائڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
واٽر ايند ڊسٽ پروف باڊي سان ليس فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته فون کي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون جي بيڪ تي 108 ميگا پڪسل جي ٽن لينسز سان ليس طاقتور ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ريئل مي سي 67 کي پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 33 ميگا واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته رڳو 30 منٽن ۾ زيرو کان 50 سيڪڙو بيٽري چارج ڪري سگھجي ٿي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرا کي جديد ٽولز ۽ ايڊوانس ٽيڪنالاجي سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان واهپيدارن گھڻي مفاصلي کان به تصويرون يا وڊيوز بڻائي سگھندا جڏهن ته گھٽ روشني ۾ به ڪيمرا جي رزلٽ خراب نه ٿيندي.
ان فون جي قيمت پاڪستان ۾ 53 هزار روپين تائين رکي وئي آهي.
You might also like