ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا زارا نور عباس کي حمل دوران پنهنجون تصويرون شيئر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.
زارا نور عباس پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن جن ۾ کيس ڳورهاري ڏسي سگھجي ٿو.
تصويرون شيئر ڪندي زارا ڪيپشن ۾ لکيو ته انسٽاگرام ۽ حقيقت ۾ مقابلو.
View this post on Instagram
اداڪارا پاران شيئر ڪيل تصويرون واهپيدارن ڪي خاص پسند نه آيون.
هڪ واهپيدار اداڪارا تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته پيٽ ڏيکارڻ گھڻو ضروري آهي نه ته سيليبرٽي ڪيئن لڳندي.
هڪ واهپيدارن لکيو ته ڪهڙي ڪلچر کي پيش ڪرين پئي۔
هڪ واهپيدارن لکيو ته جيڪڏهن مٿي تي رئو به هجي ها ته وڌيڪ خوبصورت لڳي ها.
هڪ واهپيدار اداڪارا کي لباس سبب تنقيد جو نشانو بڻايو.