پاڻ کي ڀٽو جو وارث چوندڙ بلاول پي ڊي ايم ٺاهي ضياءَ جي وارثن سان ڇو گڏيو؟ قريشي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان سوال ڪيو آهي.
جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو بلاول کان پڇان ٿو ته اڄ توهان کي نواز شريف جي انتقامي سياست نظر اچي رهي آهي ته تڏهن ڇو نظر نه آئي، جڏهن توهان شهباز شريف جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير جو حلف کنيو؟ بلاول چئي ٿو اسان ڀٽو جا وارث آهيون ته هو پي ڊي ايم ٺاهي ضياءُ الحق جي وارثن سان ڇو گڏيو؟
هن چيو ته سائفر رڳو پرڏيهي سيڪريٽري جي ڏسڻ لاءِ هو، قومي سلامتي ڪميٽي سياسي مداخلت کي مڃيو، سائفر اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ باني چيو ته جيترا به پارلياماني ليڊر آهن، سڀني کي بريف ڪيو وڃي، جنهن تي پرڏيهي سيڪريٽري سڀني پارلياماني ليڊرن کي سائفر تي بريفنگ به ڏني.
سندس چوڻ هو ته جاويد هاشمي جا ٿورا مڃان ٿو، هن حق ۽ سچ جو جهنڊو اوچو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.