اسلا م آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سمورن بلدياتي کاتن جا فنڊز منجمد ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بلدياتي کاتن جا ترقياتي فنڊز عام چونڊن جي نتيجن جي اعلان تائين منجمد ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتون رڳو سينيٽيشن ۽ صفائي وارا ڪم سرانجام ڏينديون، جڏهن ته ڪنهن به بلدياتي ترقياتي اسڪيم جو اعلان نه ڪيو ويندو ۽ نه ان تي ڪم ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتون ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز عام چونڊن جي نتيجن تائين تائين ٽينڊرز به جاري نه ڪري سگهندا.
You might also like