جهلم (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري 8 فيبروري تي شيڊيول عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ته اليڪشن ۾ چونڊ ئي نه ٿئي ته اهڙين چونڊن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ مون کي گرفتار ڪيو ويو ته جيئن هٿ کڻي وڃان.
هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي ڊيڄاريو ڌمڪايو ويو ۽ گرفتار ڪيو ويو، بنا جواز اسان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، منهنجي ڀاءَ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا ته کيس نيب ۾ منهنجو شريڪ جوابدار بڻايو ويو.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ ناڪام طور ناڪام ٿي وئي آهي، انهن حالتن ۾ منهنجو گروپ چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ٿو.
واضح رهي ته فواد چوڌري جهلم ۾ هائوسنگ پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن الزامن تي نيب جي حراست ۾ آهي.
Next Post
You might also like