زوب: فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) زوب ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي سمبازا سيڪٽر ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ اهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته علائقي ۾ موجود دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.