اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) بي بي سي موجب پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ صرف 18 ڏينهن باقي آهن پر ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ملڪ جي روڊن رستن ۽ چوڪن تي سياسي پارٽين جي اميدوارن جا بينر ۽ پوسٽر گهٽ نظر اچي رهيا آهن.
ماضيءَ جي چونڊن کي ياد ڪجي ته ٽي وي ۽ اخبارن جي اشتهارن ۾ ڪڏهن بيٽ جو زور هوندو هو ته ڪڏهن شينهن جو گجگوڙ ۽ ڪڏهن تير جو نشانو، پر هن ڀيري نه اشتهارن جي گهڻائي آهي ۽ نه ئي جلسن، جلوسن ۽ اليڪشن آفيسن جي ٻاهر ويٺل ماڻهن جو هجوم. پر ڇو؟پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ سموريون ننڍيون، وڏيون سياسي پارٽيون ۽ آزاد اميدوار چونڊ مهم جي تياري جون دعوائون ڪري رهيا آهن پر جلسن سميت سياسي سرگرمين ۾ واضح گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.
سياسي اڳواڻن ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته روڊن ۽ رستن تي گهٽ ٽرن آئوٽ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ چونڊن بابت عوام جي بي يقيني، سياست مان مبينا بي اعتمادي، خراب موسم ۽ وڏي سياسي پارٽي جو چونڊ ميدان مان ٻاهر ٿيڻ شامل آهن.سينيٽ ۾ هن وقت تائين ٽي ٺهراءُ پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ خراب سيڪيورٽي ۽ سخت موسم جو حوالو ڏيندي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو ويو آهي.
پ پ جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائره بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته ‘توهان جو مشاهدو درست آهي ته هن ڀيري چونڊن جي حوالي سان عوام ۾ پکڙيل بي يقيني واري صورتحال سبب چونڊ مهم ۾ گهٽتائي آئي آهي.
هن چيو ته ماڻهو اسان کان اڪثر پڇندا آهن ته چونڊون ٿينديون يا نه. اسان کين چئون ٿا ته اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو ڪو به سبب نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته سياست ۾ عوام جي عدم دلچسپي کي چونڊ مهم ۾ جوش خروش نه ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آهي. ڪجهه ائين لڳي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اهو تاثر درست آهي ته اها هڪ وڏي غلطي هوندي، اها ڏکوئيندڙ ڳالهه هوندي ته ماڻهو سياست کان لاتعلق ٿي رهيا آهن،سياسي شخصيتن ۽ پاڪستاني سياست کي ويجهي کان ڏسندڙ ماڻهن موجب هڪ سبب اهو به آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ عمل ۾ درپيش مشڪلاتن جي ڪري چونڊن جو جوش ۽ جذبو نظر نٿو اچي.
ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو وٺڻ کانسواءِ چونڊ مهم ۾ گهٽتائي جو سبب بيان ڪندي چيو ته پنجاب ۾ سياسي اٿل پٿل ان ڪري نه آهي جو هتي اسان جي مقابلي ۾ ڪو به ناهي، هڪ ٻي پارٽي آهي جيڪا اسان جي مقابلي ۾ آهي. زمين تي موجود نه آهي ۽ سندن اميدوار آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهن.ڪراچي مان انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ شهر جي هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تان آزاد اميدوار جبران ناصر جو چوڻ آهي ته چونڊن کان اڳ ماڻهن ۾ ’پري پول رگنگ‘ جا خدشا موجود آهن.
اليڪشن کان اڳ ۾ ڌانڌلي اهڙي طرح ٿي رهي آهي جو عوام کي خبر ناهي ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو پر اهو ضرور ڄاڻندا آهن ته وزيراعظم ڪير نه ٿيندو.جبران ناصر جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ وٽ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل اهو سڀ ڪجهه چيف جسٽس جي سامهون چئي ڇڏيو آهي.
پاڪستاني سياست تي ويجھي نظر رکندڙ تجزئي نگار ضيغم خان جو خيال آهي ته چونڊ ڪاميابي لاءِ سياسي مقابلو ضروري آهي، پر هن ڀيري سياسي مقابلو ٿيندو نظر نٿو اچي.هن چيو ته هاڻي پنجاب ۾ هڪ ئي پهلوان آهي، جڏهن برابر جو ڪو ٽڪر ئي ناهي ته پوءِ سياسي گهماگهمي ڪيئن ٿيندي؟.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 22 جنوري 2024ع تي شايع ٿي