پاڪ سوزوڪي جي واهپيدارن کي وڏي آڇ

پاڪ سوزوڪي موٽر ڪمپني نئين ويگن آر ۽ سوئفٽ خريد ڪرڻ يا پنهنجي پراڻي ويگن آر ۽ سوئفٽ کي نئين سان تبديل ڪرڻ جي خواهشمندن کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي.
ڪمپني طرفان چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو نئين ويگن آر خريدڻ چاهين ٿا، انهن کي گاڏي خريد ڪرڻ تي هڪ لک رپيا مونس ڏنو ويندو.
ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي پراڻي گاڏي ڏئي نئين ويگن آر وٺڻ چاهين ٿا، انهن کي هڪ بدران ٻه لک رپيا بونس ڏنو ويندو.
ڪمپني طرفان پنهنجي گاڏي سوئفٽ تي به ائين ئي بونس جو اعلان ڪيو ويو آهي پر ان گاڏي تي بونس جي رقم ناهي ٻڌائي وئي.
رپورٽ موجب ڪمپني طرفان اها آڇ پنهنجي گاڏين جي وڪري ۾ واڌ لاءِ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.