شهريءَ فيسبڪ تي ناڪاري ڪمينٽس ڪندڙ عورتن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

شڪاگو (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ شهري عورتن تي رڳو ان ڪري ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ڇو جو هنن سندس فيسبڪ اڪائونٽ تي هن جي خلاف ناڪاري ڪمينٽس ڪيا هئا.
ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪي رياست الينوئي جي شهر الشڪاگو کي 32 سالن جي شهري 27 عورتن جي خلاف 72 ملين ڊالرن جو ڪيس داخل ڪيو آهي ڇو ته هنن فيسبڪ جي ڊيٽنگ گروپ تي ان بابت ناڪاري تبصرا پوسٽ ڪيا هئا.
نيڪو ڊي ايمبروسيو نالي شهري جي دعويٰ آهي ته ڪيترين ئي عورتن گڏجي سندس ساک کي داغدار ڪيو آهي ڇو جو هنن کيس جِنَ جهڙن لقبن سان فيسبڪ ڊيٽنگ گروپ تي ڪيترائي ناڪاري ڪمينٽس ڪيا جيڪي ٻيا ڏسي سگھن پيا.
ڪمينٽس ۾ عورتن ايمبروسيو بابت اهو به لکيو ته هي جن عورتن سان ملندو آهي بعد ۾ اُهي جن جيان جو پيڇو ناهن ڇڏينديون.
واضح رهي ته فيسبڪ جي مشهور ڊيٽنگ گروپ جي شروعات نيويارڪ ۾ ٿي پر هوريان هوريان ٻين وڏن شهرن ۾ به پکڙجي ويو. بنيادي طور تي ان گروپ ۾ عورتون پنهنجا تجربا مردن سان شيئر ڪنديون آهن ۽ ڊيٽنگ بابت خدشن تي مشورا وٺنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.