راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر فورس هائپر سونڪ ميزائلن سميت نئين ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ورتي.
سائپر سونڪ ميزائل آواز جي رفتار کان 5 کان 25 ڀيرا وڌيڪ رفتار رکندڙ هوندا آهن، جيڪي هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ کان 5 ميل تائين فاصلو طئي ڪري سگهن ٿا، خطي ۾ چين ۽ ڀارت اڳ ئي گلوبل هائپر سونڪ ۽ ڊائريڪٽڊ انرجي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.
پاڪستان فضائيا طرفان به خطي ۾ بدامني جي وڌندڙ خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ هٿيار حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪ فضائيا طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جي 10 سي ويڙهاڪ جهاز، بنا انسان جي هلندڙ فضائي دفاعي نظام، جديد اليڪٽرانڪ وار فيئر پليٽ فارمز، فورس ملٽي پلائرز، جديد ترين ايئر ڊفينس سسٽم، ايئر موبيلٽي پليٽ فارمز، هاءِ ۽ ميڊيم ايئر ڊفينس ۽ هائپر سونڪ ميزائل حاصل ڪرڻ سان پاڪ فضائيا جي جنگي صلاحيتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي.
پاڪ فضائيا چيو آهي ته اسان خطي ۾ پاور ڊائنامڪس کي ٻيهر توازن ۾ آڻڻ ۽ نيڪسٽ جنريشن فورس ٺهڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، پاڪ فضائيا کي جديد ترين هٿيارن سان ليس ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ففٿ جنريشن سٽيلٿ فائٽر جهاز حاصل ڪرڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو عبور ڪيو ويو.
Next Post
You might also like