موسمياتي تبديلي سبب حياتي گھٽجي ٿي: تحقيق

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) هڪ بنگلاديشي موسمياتي سائنسدان دعويٰ ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلي انساني حياتيون ۾ ڇهن مهينن تائين گھٽائي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
هڪ نئين تحقيق ۾ ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته گرمي پد وڌڻ ۽ برسات جو نظام زندگي سراسري طور تي 6 مهينا گھٽائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. انهن موتن ۾ سدي ريت (قدرتي آفتن، ٻوڏ ۽ هيٽ ويوز سبب) ۽ اڻ سڌي ريت (ذهني صحت جي مسئلن سبب) موت شامل آهن.
بنگلاديش جي شاهه جلال يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي دي نيو اسڪول فار سوشل ريسرچ سان واسطو رکندڙ تحقيق جي ليکڪ امت راءِ تحقيق لاءِ 190 کان وڌيڪ ملڪن جي 80 ورهين کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل گرمي پد ۽ برسات جي ڊيٽا جو استعمال ڪيو.
مطالعي مان خبر پئي ته جيڪڏهن عالمي گرمي پد ٻه سينٽي گريڊ تائين وڌي ٿو ته زندگي جو مدو 6 مهينن تائين گھٽجي سگھي ٿي.
تحقيق ۾ ائين ٿيڻ جا سبب عالمي سطح تي سوڪهڙي ۽ فصلن جي تباهي سبب ٿيندڙ بُک، ذهني مرض ۽ وقت کان اڳ موت ٻڌايو ويو.
پر، هن اهو به واضح ڪيو ته ان سڀ جو گھڻو اثر عورت تي پوندو، سندن حياتي جا 10 مهينا گھٽجڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.