ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي)، ڪراچي سينٽر فار مڊل ايسٽرن اسٽڊيز (سي ايم اي سي)، يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي جي سهڪار سان هڪ افتتاحي ليڪچر جي ميزباني ڪئي.
”زبانِ غير: اسلام ۽ انسانيت جو ڪم“ جي عنوان سان ان ليڪچر ۾ اسد احمد، مڊل ايسٽرن لينگويجز اينڊ ڪلچرز جي ناليوراي پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر، سي ايم اي ايس، يو سي برڪلي شامل هئا، روشن خيال ليڪچر ۾ استادن، شاگردن، تاريخدانن ۽ اسڪالرن شرڪت ڪئي.
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڪراچي ڊاڪٽر اڪبر زيدي ادارن وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي روشني وڌي، جيئن ان کان اڳ آءِ بي اي ڪراچي ۽ يو سي برڪلي فيڪلٽي ۽ شاگردن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ يادداشت جي مفاهمت تي صحيحون ڪيون هيون.
IBA, CMES سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ اسلامي ۽ مسلم معاشرن جي مختلف پهلوئن ڌيان ڏيندي پروگرام ۽ رابطا تيار ڪندو، جنهن سان گفتگو لاءِ گڏيل منظرنامي کي ممڪن بڻايو وينود.
سحر علي شاهه، ڪو آرڊينيٽر فارن لينگويجز پروگرام ۽ آءِ بي اي ڪراچي جي ليڪچرار معزز مقررن جي آجيان ڪئي ۽ اسد احمد تعارف ڪرايو، هيومينٽيز، اسلامي تاريخ ۽ عالمي ٻولين جي شعبن ۾ انهن ي ڀائيواري جو ذڪر ڪندي هنن پروفيسر احمد کي اڪيڊميا تي انسانيت جي اثرن ۽ گفتگو جي ڪميونٽيز جي جوڙجڪ ۾ ان جي ڪردار تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني.
پروفيسر احمد ڪينن، ترجمي ۽ تعليمي پاليسي بابت مختلف پهلوئن تي روشني وڌي ۽ اڪيڊميا ۾ هيومينٽيز جي ڪم جا تفصيل بيان ڪيا ۽ ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڪيئن جديديت جي خدمت لاءِ مخصوص ديسي متضاد عنصرن کي تبديل ڪيو ويو، جنهن سان نئين آبادياتي معاشرن ۾ هڪ مستقل تصوراتي تضاد پيدا ٿيو.
ان جو تازو ترين ڪياب ‘Palimpsests of Themselves: Logic and Commentary in Postclassical Muslim South Asia’، پوسٽ ڪلاسيڪل اسلامي فڪري تاريخ ۾ فلسفي جي رفتار بابت جاري مباحثن ۾ ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿو.
جديد منطق جي نصابي ڪتاب ‘The Ladder of the Sciences’ تي ڌيان ڏيندي پروفيسر احمد ان جو پهريون انگريزي ترجمو ۽ تفسير فراهم ڪئي، هو ٽيڪنيڪي ڀائيواري جو جائزو وٺندو آهي، سماجي حقيقتون ڳوليندو آهي ۽ فلسفاڻي تفسير جو نظريو ڪندو آهي، هي ڪتاب اسلام جي فڪري زوال بابت مفروضن کي چئلينج ڪري ٿو، جيڪو اسلامي دنيا ۾ عمل جي پهچ بابت هڪ منفرد نظريو پيش ڪري ٿو.
هن چيو ته جديديت اسان ۾ ٻولين ۽ روايتن کان پري ڪرڻ ۾ هڪ واضح ڪردار ادا ڪيو آهي، ليڪچر جي پڄاڻي ان ڳالهه تي ٿي ته ڪيئن اسلامي انسانيت گلوبل سائوٿ ۾ ثفاقن، سياست ۽ معاشرن کي بااختيار بڻائي سگهي ٿي.
ان موقعي تي سوالن جوابن جو سيشن به ٿيو، افتتاحي ليڪچر اسلام ۽ هيومينٽيز جي ڪم وچ ۾ متحرڪ تعلق بابت فڪر انگيز تحقيق کي گفتگو لائق بڻايو، جنهن ۾ فڪري مڪالمي کي هٿي ڏيڻ ۽ علم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آءِ بي اي جي عزم کي ظاهر ڪيو ويو.
You might also like