موٽورولا جو 2024 جو پهريون سستو فون متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فون ٺاهيندڙ ملٽي نيشنل آمريڪي ڪمپني موٽورولا سال 2024 جو پهريون سستو فون موٽو جي پلي متعارف ڪرائي ڇڏيو.

موٽو جي پلي 2024 کي 6.5 انچ اسڪرين، اسنيپ گڊريگن جي چپ ۽ اينڊرائيڊ 13 آپريٽنگ سسٽم سان متعارف ڪرايو آهي.

فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ته ان جي باڊي کي واٽر ۽ ڊسٽ پروف به بڻايو ويو آهي.

موٽو جي پلي کي 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي ميموري سان متعارف ڪرايو ويو آهي، ڪارڊ ذريعي هن جي ميموري ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.

فون جي فرنٽ ۽ بيڪ تي هڪ هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اها هڪ ئي ڪافي آهي ڇو ته ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي.

فون جيبيڪ تي 50 ميگا پڪسل جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

موٽو جي پلي کي پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري جڏهن ته 15 واٽ جي فاسٽ چارجر سان متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي بيٽري ٽن ڏينهن تائين هلي سگهي ٿي.

فون کي فوري طور تي وڪري لاءِ آمريڪا ۾ پيش ڪيو ويو آهي فيبروري تائي هن کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.

هن جي پاڪستاني قيمت 41 هزار رپيا رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.