يونائيٽيڊ موٽر سائيڪل پاڪستان طرفان پنهنجي موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ 18 هزار رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ڪمپني طرفان يو ايس 70 (الائي رم) جي قيمت ۾ 5 هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 14 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت يو ايس 100 (اسٽينڊرڊ) جي قيمت 10 هزار رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 17 هزار رپيا ۽ يو ايس 100 (اسٽينڊرڊ اسپيشل) جي قيمت 10 هزار رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 18 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
ڪمپني طرفان پنهنجي موٽر سائيڪل يو ايس 100 (اسٽينڊ الائي رم) جي قيمت ۾ 18 هزار رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 27 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
يو ايس اسڪوٽي 100 ۽ يو ايس 125 جا اگهه برقرار رکيا ويا آهن.
You might also like