آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ 22.67 سيڪڙو جي رڪارڊ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته حڪومتي پاليسين سبب ڊسمبر ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ رڪارڊ 22.67 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، نومبر ۾ 13 سيڪڙو کانپوءِ ڊسمبر ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ 22.67 سيڪڙو واڌ سان 303 ملين ڊالر رهي.
آءِ ٽي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڊاڪٽر عمر سيف چيو ته 50 سيڪڙو ڊالر رکڻ جي سهولت، ڊجيٽل پيمينٽ سسٽم، فري لانسرز لاءِ سهولتون بنيادي عمل آهن.
هن چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ سهولتن تي وزيراعظم ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون، اسان جي پاليسين جو مقصد آءِ ٽي ٽيلي ڪام سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي، هيءَ اڃا شروعات آهي، جلد وڏا نتيجا ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.