عام چونڊن جي اعلان ۽ مڪمل شيڊول اچڻ کان پوءِ ھر پاسي اليڪشن جون تياريون زور شور سان جاري آهن رُٺلن کي پرچائڻ ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست هوندي عام ماڻھن کي پري رکڻ کان پوءِ ھينئر کين ويجھو ڪرڻ، سندن سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي وڏي ڳالھه ته پراڻيون تعزيتون وصول ڪندڙ وڏيرن ڀوتارن پڻ پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ھر پاسي وڏين گاڏين جا لامارا ڏسڻ جي لاءِ ملي رھيا آھن ھي اھڙيون نشانيون آھن جيڪي صرف اليڪشن جي وقت ظاھر ٿينديون آھن وري پنج سالن تائين موڪلائي وينديون آھن
سنڌ اندر مضبوط اپوزيشن ۽ پيپلز پارٽي جو ڪو متبادل نه ھجڻ ڪري ھڪ دفعو ٻيھر پيپلز پارٽي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ميدان مارڻ جي دعوا ڪري رهي آهي جيئن گذريل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي صوبائي سيٽن تي سينچري اسڪور نه ڪري سگھي ھئي ھن دفعي پيپلز پارٽي اڪيلي سر سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي ۽ امڪان آھن ته سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي پيپلزپارٽي ففٽي اسڪور ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ اندر جيڪي مضبوط ۽ طاقتور ميمبر اسيمبلي ھئا جيئن شڪارپور مان مھر خاندان ۽ گھوٽڪي مان پڻ علي گوهر مھر اھي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آھن ۽ ڪراچي مان پڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا وڏا نالا اڳوڻا ميمبر اسيمبلي پڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آھن.
منھنجي نظر ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽي جو مخالف ڪنھن پارٽي يان اتحاد سان ايترو سخت مقابلو ناهي جيترو پنھنجي پارٽيءَ جي اندر ماڻھن ۾ سخت مقابلو ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي مطلب ھي واحد اليڪشن آهي جنھن ۾ پيپلز پارٽي بمقابله پيپلز پارٽي ٿيڻ وڃي رھيو آھي پيپلز پارٽي اندر ھر شھر توڙي ھر ضلعي ۾ ھڪ سيٽ تي ھڪ کان وڌيڪ اميدوار ظاھر ٿي رھيا آھن جيڪي پنھنجي منھن نامزدگي فارم ڀرائي اميدوار ھجڻ جي دعوا ڪري رھيا آھن ائين کڻي چئجي ته سنڌ اندر ڪافي سيٽن تي پيپلزپارٽي طرفان اميدوار گھڻا ۽ سيٽون گھٽ آھن جنھن مان صاف ظاھر آهي ته ڪجھه اميدوارن کي ٽڪيٽون مليون آھن ته ڪجھه ناراضگي جو اظھار ڪري خاموش نه ويھندا پر ماضيءَ جي ڪجھه سيٽن وانگر اُھي ساڳيا ماڻھو ٻاھريان پيپلز پارٽي جا نعرا هڻندا ۽ اندروني طرح اُھي ساڳيا ماڻھو پيپلز پارٽي مخالف اميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا.
في الحال ته سنڌ اندر صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ٽڪيٽن جي جيڪا ورھاست ٿي آھي ان ۾ اڪثر ساڳيا ئي چھرا آھن جيڪي گذريل 15 سالن کان ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن جنھن کان پوءِ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ۾ اختلاف ظاھر ٿي رھيا آھن جنھن کان پوءِ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ڪجھه اميدوار ھٿ کڻي ويا آھن، ڪجھه اميدوار ھٿ کڻڻ بغير آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ اليڪشن وڙھي رھيا آھن ھِن وقت تائين سنڌ اندر جيڪا پيپلز پارٽي بمقابله پيپلز پارٽي جي صورتحال نظر اچي رھي آھي ان جي تفصيل ڪجھه ھن ريت آهي ته ڪراچي جي صوبائي تڪ لياري 107 تي پڻ پيپلز پارٽي جا ڪافي اميدوار سامهون اچي رھيا آھن جيڪي ھٿ کڻڻ جو نالو نه وٺي رھيا آھن ان سان گڏوگڏ سڪرنڊ جي صوبائي تڪ تي پيپلز پارٽي طرفان ٽن اميدوارن فارم جمع ڪرايا جنھن ۾ ٽڪيٽ جو تاج ھڪ دفعو ٻيھر ساڳئي اميدوار غلام قادر چانڊيو کي ملي چڪي آهي جڏهن ته سامھون بيٺل پيپلز پارٽي طرفان آزاد اميدوار سيد منير شاھ ۽ سڪندر رند پاران ھينئر کان گڏجاڻيون ۽ پيپلز پارٽي جي صفن کان پري ٿيل يا ماضي ۾ مايوس اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ڪري رهيا آهن جيڪي ھِن وقت تائين ھٿ کڻڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن.
ان سان گڏ قاضي احمد جي صوبائي تڪ تي پيپلز پارٽي پاران بھادر ڏاھري کي ٽڪيٽ ملڻ کان پوءِ آصف علي زرداري جي ويجھي ساٿي دوست اسماعيل ڏاھري پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪندي آزاد اميدوار طور سامھون بيھي رھيو آھي ان کان علاوه شڪارپور ۾ مھر خاندان جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کان پوءِ ڀيا برادري ۾ سخت مايوسي ڇانيل آهي جنھن جو في الحال ڪو ردعمل ظاھر نه ٿي سگھيو آهي پر جيڪڏهن ردعمل سامھون آيو ته پيپلز پارٽي جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري سگھي ٿو ان کان علاوه گھوٽڪي ضلعي جي صورتحال خطرناڪ بڻجي وئي جتي پيپلز پارٽي جي پراڻي ورڪر ڄام مھتاب ڏھر کي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران شھريار شر کي ملي آھي جنھن کان پوءِ ڄام مھتاب پاران آزاد اميدوار طور شھريار شر جي سامھون مقابلي ڪرڻ جي لاءِ تياري ڪري رهيو آهي.
ذريعن مطابق کيس ڪافي سردارن جي سپورٽ اٿس ان کان علاوه جيڪڏهن جيڪب آباد ضلعي جي ڳالھه ڪجي ته اتي پڻ پيپلز پارٽي مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهي جتي پيپلز پارٽي جا اميدوار ھڪ ٻئي جي سامھون اليڪشن وڙھي رھيا آھن جنھن ۾ پارٽي طرفان شير محمد مغيري کي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ڏني وئي آهي ته سندس مقابلي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پيپلز پارٽي اڳواڻ ممتاز جکراڻي پاران آزاد اميدوار طور سامھون بيھي رھيو آھي جيڪو پڻ نقصان پيپلز پارٽي کي ٿيڻ وڃي رھيو آھي ان کان علاوه قمبر شهداد ڪوٽ جي تعلقي وارھ جي صوبائي سيٽ برھان خان چانڊيو کي ملڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي وارھ جي صدر پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي ان سان گڏوگڏ مٽياري ضلعي ۾ صوبائي اسيمبلي جون 3 سيٽون مخدوم خاندان کي ملڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي مٽياري ضلعي جو صدر سيد علي حسين شاھ صدارت تان استعيفا ڏئي خاموش رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ۾ ھر اميدوار جي خواھش ھوندي آھي ته ٽڪيٽ مون کي ملي آئون اسيمبلي پھچان پر حقيقت ۾ ائين نه ٿيندو ڪجھه اميدوارن کي ٽڪيٽون ملنديون آھن ته ڪجھه وري رھجي ويندا آھن اھڙي ڳنڀير صورتحال ھجڻ ڪري خد پيپلز پارٽي ليڊرشپ فيصلا ڪرڻ ۾ پريشاني جو شڪار ھوندي ته ڪنھن کي راضي ڪجي ڪنھن کي پاسيرو ڪجي
ايندڙ ھفتي سنڌ اندر سڄي صورتحال سامھون اچي ويندي ته ڪير حقيقي پيپلز پارٽي جو اميدوار آهي ته ڪير پيپلز پارٽي جو ماڻھو آزاد اميدوار طور بيٺو آهي سڀ ڪجھه واضح ٿي ويندو پر حقيقت ۾ صورتحال جيڪا سامھون نظر اچي رھي آھي ته پيپلز پارٽي بمقابله پيپلز پارٽي واري آهي باقي پيپلز پارٽي جو ڪجھه سيٽن تي مخالف پارٽين سان ڪانٽيدار مقابلو آھي باقي اڪثر سيٽن تي پيپلزپارٽي جو ڪو مقابلو ناهي جيڪو مقابلو آھي اُھو پيپلز پارٽي جي اندر ماڻھن جي وچ ۾ آھي