اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي نگران اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، خميس 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون ڪرايون وينديون. هن پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته نه رڳو اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي پر وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون به ان ذميواري کي نڀائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جون سموريون انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنديون. نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن سينيٽ آف پاڪستان ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو آهي.