پ پ جا 7 اميدوار رٽرننگ آفيسرن طرفان آزاد اميدوار قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي 7 اميدوارن کي رٽرننگ آفيسرن آزاد اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو.
پ پ جي پنجاب ۾ 7 اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ باوجود چونڊ نشان تير الاٽ نه ٿيو، 3 قومي اسيمبلي ۽ 4 پنجاب اسيمبلي جا اميدوار پ پ جي چونڊ نشان کان محروم ٿي ويا.
ان معاملي تي پ پ اڳواڻ چوڌري منظور ردعمل ڏيندي چيو ته پارٽي سڀني اميدوارن کي وقت تي ٽڪيٽ لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو پر بدقسمتي سان اليڪشن ڪميشن 7 اميدوارن کي نشان ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اسان جي اميدوارن کي زبردستي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪيو پيو وڃي، ان بي ضابطگي تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ته اڃا تائين جواب ناهي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.