مصر جي عورت پارليامينٽ ميمبر قانون جي امتحان ۾ نقل ڪندي پڪڙجي پئي

مصر جي سائوٿ ويلي يونيورسٽي ۾ نگران ماسترياڻي قانون جو امتحان ڏيندڙ پارليامينٽ ميمبر کي نقل ڪندي پڪڙي ورتو، جنهن تي پارليامينٽ ميمبر شاگردياڻي نگران ٽيچر ۽ ان جي ساٿي پروفيسر کي تشدد جو نشانو بڻايو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عورت پارليامينٽ ميمبر سائوٿ ويلي يونيورسٽي ”انتساب“ ۾ فيڪلٽي آف لا جي ٽئين سال جي شاگردياڻي آهي.
هوءَ واقعي ڏينهن انتظامي عدليا جي مضمون جو امتحان ڏئي رهي هئي ته ان دوران نگران عورت ٽيچر کيس وائرليس هيڊ فون ذريعي نقل ڪندي پڪڙي ورتو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ تڪرار شروع ٿيو.
رپورٽ موجب نگران عورت پروفيسر پارليامينٽ ميمبر شاگردياڻي کان هيڊ فون گهري، جنهن تي هن کيس هيڊ فون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، گڏوگڏ هن بچاءَ لاءِ ايندڙ سپروائيزر کي مارڪٽ ڪئي.
پوءِ اهو واضح ٿيو ته شاگردياڻي مصري پارليامينٽ جي ميمبر آهي، جنهن خلاف فراڊ جي رپورٽ داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.