پسٽل ڪٿان آيو، ڇا بندوق ڏيکاري چونڊ وڙهندئو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ق ليگ اميدوار جي درخواست رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ق ليگ جي پي ايس 76 ميرپور ساڪرو مان اميدوار معشوق علي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ق ليگ جي پي ايس 76 مان اميدوار معشوق علي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ريمارڪس ڏنا ته ضابطا پورا نه ٿيا ته چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڪيئن ڏيون؟
چيف جسٽس اميدوار کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن جا فرنٽ مين آهيو؟ ڪير آهيو ۽ ڪنهن سان مقابلو ڪندئو؟ جنهن تي معشوق علي ٻڌايو ته ق ليگ نامزد ڪيو آهي، تڪ جي عوام جي مدد سان چونڊ وڙهي رهيو آهيان.
اعتراض ڪندڙ وڪيل چيو ته معشوق علي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجو پيشو گڏهه هلائڻ ٻڌايو آهي، اثاثن ۾ پسٽل به ظاهر ڪيو آهي.
چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڪيترائي ماڻهو بوگس فارم به جمع ڪرائي ڇڏيندا آهن، توهان وٽ پسٽل ڪٿان آيو؟ ڇا بندوق ڏيکاري چونڊ وڙهندئو؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته خالي فارم ڀري ڏيو ۽ چونڊ وڙهڻ پهچي وڃو.
چيف جسٽس ق ليگ جي نامزد اميدوار جي درخواست رد ڪندي چيو ته پنهنجو حلال رزق ڪمايو، ٻارن جي وڃي سٺي پرورش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.