ٿرپارڪر مان شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر جي تڪ اين اي 214 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ ڪيو ويو.
اين اي 241 تي پي ٽي آءِ اميدوار مهرالنسا کي هوائي جهاز الاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي.
رٽرننگ آفيسر طرفان جاري ڪيل فارم 33 موجب ٿرپارڪر جي 6 تڪن تي مجموعي طور 86 اميدوارن کي چونڊ نشان جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ اين اي 214 تي 11 اميدوارن کي نشان مليا.
اين اي 215 تي 20 اميدوارن، جڏهن ته پي ايس 52 تي 11، پي ايس 53 تي 14، پي ايس 54 تي 12 ۽ پي ايس 55 تي 18 اميدوارن کي نشان الاٽ ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.