قمبر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊون ويجهو آهن ۽ اسان سازشن کي ناڪام ڪري عوام سان گڏ وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين.
قمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون نه ٿيڻ جي غلط فهمي رکندڙن کي نقصان ٿيندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو هو ته 8 فيبروري تي چونڊون پٿر تي ليڪو آهي ۽ هاڻ اسان کي چونڊون تمام ويجهو نظر اچي رهيون آهن.
هن چيو ته اسان جي چونڊ مهم گهڻي عرصي کان جاري آهي ۽ پ پ معاشي معاهدو عوام سامهون رکي ان جو ساٿ گهريو آهي، هاڻ تير ۽ شينهن جو مقابلو آهي، اچو اسان جو ساٿ ڏيو، پ پ ن ليگ جو ڄمي مقابلو ڪندي.
سندس چوڻ هو ته پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پ پ اها اڪيلي جماعت آهي، جيڪا عوام تي اعتماد ڪري ٿي، عوام نئين سياست ۽ نئين سوچ جو ساٿ ڏئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ هاڻ جمهوري جماعت ناهي رهي، اها مقابلو نه مخالفن کي پچ آئوٽ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اڪيلي ميدان ۾ کيڏڻ چاهي ٿي.
”عوام پ پ تي ئي اعتماد ڪري ٿو، سازشن کي ناڪام بڻائي وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين“
You might also like