ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سميت مڪاني ادارن جي چيئرمينن خلاف شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي.خابرو اداري موجب سنڌ جي مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر علي اصغر سيال ريجنل اليڪشن ڪمشنر ۽ مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر کي خط لکيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي مڪاني ادارن جي نمائندن خلاف اميدوارن جي مهم هلائڻ جون شڪايتون آهن، شڪايتن ۾ عام چونڊن ۾ سرڪاري مشينري جي استعمال جون به شڪايتون آهن. خط ۾ علي اصغر سيال چيو ته سرڪاري وسيلن جو استعمال اليڪشن ضابطه اخلاق جي پيرا 18 جي ڀڃڪڙي آهي. چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جي نگراني ڪئي وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن جا ثبوت سنڌ مانيٽرنگ ڪوآرڊينيٽر جي آفيس کي ڪارروائي لاءِ موڪليا وڃن.