موجودا دور ۾ گھڻا ماڻهو فونز کانسواءِ زندگي جو تصور ئي نٿا ڪري سگھن پر هاڻي هڪ ڊوائيس ان جي جاءِ وٺڻ لاءِ تيار آهي.
ريبٽ آر 1 نالي ڊوائيس اوهان جي تريءَ ۾ اچي ويندي ۽ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالاجي سان ليس آهي.
ان ڊوائيس سان اوهان پنهنجن سوالن جا جواب ڄاڻي سگھو ٿا، مختلف ايپس لانچ ڪري سگھو ٿا يا ٽيڪسي به گھرائي سگھو ٿا.
پر اها ڪا سمارٽ فون نه پر ڪمپني موجب اهو اهڙو پرسنل ڊجيٽل اسٽنٽ آهي جيڪو هٿرادو ذهانت جي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري ٿو.
لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو جي موقعي تي ان ڊوائيس کي متعارف ڪرايو ويو.
ريبٽ اي آءِ نالي ڪمپني جي باني Jesse Lyu جي خيال ۾ اسان جي فونز ۾ اڻڳڻين ايپس ۽ فيچرز ان جي فائدي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُهي آر 1 سان ان کي تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
Jesse Lyu موجب هو پنهنجي ڊوائيس کي سمارٽ فون جو متبادل نٿا بڻائڻ چاهي، گھٽ ۾ گھٽ في الحال ته نه.
پر کين لڳي ٿو ته اها مستقبل ۾ ضرور فونز جي جاءِ والاري سگھِ ٿي.
ڏسڻ ۾ اها ڪنهن گيم ڪنسول جهڙي ڊوائيس آهي جنهن ۾ 2.88 انچن جي ٽچ اسڪرين ڊسپلي موجود آهي.
ان کانسواءِ تصويرون ۽ وڊيوز ڀرڻ لاءِ هڪ روٽيٽنگ ڪيمرا ۽ اسٽنٽ سان چيٽ لاءِ هڪ بٽڻ ڏنو ويو آهي.
ڊوائيس جي اندر 2.3 گيا هرٽز پراسيسر، 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جڏهن ته ان جي بيٽري سنگل چارج تي سڄو ڏينهن ڪم ڪري سگھِي ٿي.
ڊوائيس جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جو سافٽ ويئر يا آپريٽنگ سسٽم آهي.
ريبٽ او ايس نالي سافٽ ويئر لارج ايڪشن ماڊل تي ٻڌل اي آءِ سسٽم آهي جنهن سان آر 1 سمورين ايپس لاءِ هڪ يونيورسل ڪنٽرولر جي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.
Jesse Lyu ٻڌايو ته ان ڊوائيس کي هر طرح جون سروسز متحرڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو، هاڻي ڀلي اُها ڪا ويب سائيٽ هجي، ايپ هجي يا ڪو به پليٽ فارم هجي.
بنيادي طور تي اهو گوگل اسٽنٽ جهڙو ئي هڪ اسسٽنٽ آهي پر ان جي آپريٽنگ سسٽم سان اوهان کي ميوزڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ، گاڏي گھرائڻ، گھر جو سامان خريد ڪرڻ، ميسيجز موڪلڻ سميت گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي سهولت هڪ ئي اسڪرين تي ملندي آهي.
ان ڊوائيس کي استعمال ڪرڻ لاءِ ايپس کولڻ يا لاگ ان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، بس پنهنجو خواهشون بيان ڪريو ۽ ڊوائيس کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو.
ان ۾ هڪ ٽريننگ موڊ به آهي جنهن کي اوهان ڊوائيس کي مختلف ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا.
ان ڊوائيس جي قيمت 199 ڊالرز رکي وئي آهي ۽ اها مارچ ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندي.