بصر سستو ڪرڻ لاءِ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بصر جي اگهه تي ضابطي لاءِ ان جي گهٽ کان گهٽ برآمدي قيمت 1200 ڊالر في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي.
واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بصر جي گهٽ کان گهٽ برآمدي قيمت 750 ڊالرن مان وڌائي 1200 ڊالر ڪئي وئي آهي.
برآمد ڪندڙن کي بصر جي ادائيگي اڳواٽ آڻڻي پوندي ۽ نوٽيفڪيشن ايندڙ فيصلي تائين لاڳو رهندو.
بصر جي برآمدي قيمت کي رپئي تي منتقل ڪيو وڃي ته ان جي گهٽ کان گهٽ في ڪلو قيمت 210 رپين مان وڌي تقريبن 340 رپيا ٿي ويندي.
پاڪستان فروٽ ويجيٽيبل ايسوسيئيشن موجب ڀارت طرفان بصر جي برآمد تي پابندي سبب پاڪستان مان بصر جي برآمد وڌي وئي هئي، جنهن سان مقامي سطح تي بصر 250 رپيا في ڪلو ٿي ويو.
بصر جي برآمدي قيمت وڌائڻ ۽ اڳواٽ رقم آڻڻ جي شرط سان مقامي سطح تي اگهه گهٽجندو، ان دوران بصر جي مقامي طلب تي به نظر رکي ويندي ۽ ضرورت موجب بصر جي برآمدي قيمت کي تبديل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.