ڊالر جي اگهه ۾ واڌ، نگران وزير ڇرڪائيندڙ بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) واپار بابت نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز ملڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو ذميوار واپارين کي قرار ڏيندي چيو آهي ته واپاري وڏي پئماني تي انڊر انوائسنگ ۾ ملوث آهن.
ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ واپارين سان خطاب ڪندي گوهر اعجاز واپارين خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي.
هن چيو ته ڊالر 160 کان 320 واپارين سبب ٿيو، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي سمگلنگ ۾ واپاري ملوث آهن، چين کان 22 ارب ڊالرن جو مال خريد ڪري 12 ڊالرن جو ٻڌايو ويو، چين مان ڊيٽا کڻي آيو آهيان، واپاري وڏي پئماني تي انڊر انوائسنگ ۾ ملوث آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ هزار ايڪڙ ايراضي تي نئون صنعتي زون ٺاهڻ جو تصور پيش ڪيو آهي، نئون زون ملڪي برآمدن کي ايندڙ 5 سالن ۾ 100 ارب ڊالرن تائين وٺي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.