لينڊ ڪروزر گاڏيون: چانهه هلائيندڙن جي شادي، ڄڃ تي لکين رپين ۽ ويس وڳن جي گهور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاءُالدين ۾ چانهه وڪرو ڪندڙن جي انوکي شادي ٿي، گهوٽ جي شادي تي لکين رپيا روڪ ۽ ڪپڙن جي گهور ڪئي وئي.

چانهه وڪرو ڪندڙ عابد جي ڄڃ 16 لينڊ ڪروزر گاڏين ۽ 4 شاهي بگين تي گهر کان شادي هال پهتي.

شادي هال جي ڇت تان گهوٽ جي ڀائرن لکين رپيا روڪ، جوتا، گرم ڪپڙا، شالون ۽ گهڙيون گهوريون.

ڄاڃي ڄڃ ۾ ملڪو جي گاني ڪوڪا نڪ دا تي جهومندا رهيا.

ڪنوار جي ڀائرن جو چوڻ هو ته پيءُ جي خواهش تي شادي کي يادگار بڻائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.