”رشي ڪپور سخت مزاج ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو“ نيتو ڪپور جو انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار رشي ڪپور جي گهرواري اداڪارا نيتو ڪپور پنهنجي مڙس بابت هڪ نئون انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارت جي مشهور شو ” ڪافي ود ڪرن “ ۾ اداڪارا نيتو ڪپور شرڪت ڪئي جتي ميزبان ڪرن جوهر مختلف سوال پڇيا ۽ پراڻن قصن کي ياد ڪيو.
اداڪار رشي ڪپور بابت سندس گهرواري نيتو ڪپور ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو هڪ سخت بواءِ فرينڊ هو جنهن منهنجي پارٽين ۾ شرڪت تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.
هن ٻڌايو ته هدايتڪار يش چوپڙا سان هڪ فلم ڪئي هئي ۽ يش چوپڙا کي رات دير سان پارٽيون ڏيڻ جي عادت هئي پر هوءَ پارٽين ۾انجواءِ نه ڪري سگهندي هئي ڇو ته رشي کيس سختي سان منع ڪندو هو ۽ سختي ڪندو هو هي ناهي ڪرڻو، هو ناهي ڪرڻو يا گهر موٽي اچ.
ادڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ماءُ به سخت مزاج واري هئي ۽ رشي ڪپور به سخت هيو ۽ هوءَ ٻنهي ۾ ڦاسي پئي هئي.
واضح رهي ته اداڪارا نيتو ۽ رشي ڪپور جو مڱڻو 13 اپريل 1979 تي ٿيو جڏهن ته شادي 1980 ۾ ٿي هئي، نيتو ڪپور شاديءَ کانپوءِ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي الوداع چيو، کين هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، اداڪار رشي ڪپور 2020ع ۾ بلڊ ڪينسر وگهي ممبئي ۾ ديهانت ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.