پي ٽي آءِ اسان جون جعلي ٽڪيٽون جمع ڪرايون، اليڪشن ڪميشن انهن کي پڪڙي: پي ٽي آءِ نظرياتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف نظرياتي جي سربراهه اختر اقبال ڊار الزام هنيو آهي ته پي ٽي آءِ اسان جون جعلي ٽڪيٽون جمع ڪرايون آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ نظرياتي جي چيئرمين اختر اقبال ڊار چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار پي ٽي آءِ اين جون ٽڪيٽون کڻي آر اوز وٽ وڃي رهيا هئا، مون کي حيراني ٿي ته اهي ڪٿان ٽڪيٽون کڻي پيا وڃن، مون کي علم ناهي ته انهن ٽڪيٽون ڪٿان آنديون.
هن چيو ته اسان آر اوز کي تحريڪ انصاف نظرياتي جي اميدوارن جي فهرست ڏينداسين، 2018 ۾ جيڪي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون هيون، اهي ئي ٽڪيٽون اڄ جاري ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه سالن ۾ محسوس ڪيو ته شفافيت ۽ سچائي پي ٽي آءِ ۾ ناهي، تحريڪ انصاف نظرياتي جو پنهنجو منشور ۽ پروگرام آهي، جيستائين سزا ۽ جزا جو نظام کڻي نه وڌنداسين، ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اختر اقبال ڊار چيو ته اسان جي ٽڪيٽ تي بيٽ جو نشان واضح آهي، ڪنهن پارٽي جو اميدوار ٻي پارٽي جو پليٽ فارم استعمال نٿو ڪري سگهي ۽ پارٽي ٽڪيٽ بابت اسان جو ڪنهن جماعت سان ڪو معاهدو ناهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته جن جعلسازي ڪئي، انهن کي پڪڙي.
هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ اسان جون جعلي ٽڪيٽون جمع ڪرايون آهن، پي ٽي آءِ نظرياتي جي اميدوارن کي ٽڪيٽون مان پاڻ جاري ڪيون آهن، اسان ملتان، فيصل آباد ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، اسان جو پنهنجو منشور، پنهنجو آئين آهي، اسان جو نعرو ڪرپشن جي سزا موت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.