پاڪستاني اداڪار ڀارتي ڊرامي ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سارا خان ۽ اداڪار بلال عباس ڀارتي ٽي وي چئنل جي ڊرامي ” عبدالله پور ڪا ديوداس “ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن.
پاڪستاني ڊرامن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري ذريعي مداحن جي دلين تي راڄ ڪندڙ خوبرو اداڪارا سارا خان ۽ اداڪار بلال عباس هاڻي سرحد پار به پنهنجي ڪم سبب مقبوليت جا جهنڊا کوڙڻ وارا آهن.
بلال عباس ۽ سارا جو نئون ڊرامو ” عبدالله پور ڪا ديواس “ ڀارتي چئنل زندگي تي نشر ڪيو ويندو، ڪمال انجم شهزاد جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ ڊرامي جي ڪهاڻي شاعراڻن موضوعن، محبت ۽ دوستي جي چوڌاري ڦري ٿي.
عبدالله پور ڪا ديوداس ۾ بلال عباس خان ۽ رضا طالش مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته سارا خان ڊرامي ۾ گل بانو جي ڪردار ۾ نظرايندي.
واضح رهي ته ڀارت جي اسٽريمنگ ويب سائيٽ ” زي فائيو “ جو چئنل ” زندگي “ پاڪستاني شوز ۽ ترڪ ڊرامن جي حوالي سان مشهور آهي، ٽي وي چئنل تي ڪيئي پاڪستاني ڊراما نشر ٿي چڪا آهن، جنهن کي ڀارتي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.