راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڻڄاتل شخص اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت جي پارٽي ٽڪيٽ کسي فرار ٿي ويو.
راولپنڊي ۾ شڪي شخص اين اي 55 جي آر او واحد ڊوگر جي اسٽاف کان فائل کسي فرار ٿيو، وڪيل احمد راجا ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته اسان مڪمل فائل آر او واحد ڊوگر جي اسٽاف ميمبر وحيد کي جمع ڪرايو، آر او اين اي 55 واحد ڊوگر جي آفيس ۾ وحيد نالي اسٽاف ميمبر موجود هو.
هن ٻڌايو ته پوليس جي موجودگي ۾ اڻڄاتل شخص پارٽي ٽڪيٽ کڻي فرار ٿيو، شڪي شخص کي روڪيو ويو پر ڪجهه دير کانپوءِ اڻڄاتل ماڻهو کيس ڇڏائي ويا، شڪي شخص جي وڊيو ٺاهيندڙ شخص کان موبائل فون به کسي وئي.
You might also like