ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان فلمون ڏسڻ جا شوقين آهيو ته حقيقي زندگي جي ڪهاڻين تي ٻڌل هي پنج متاثر ڪندڙ فلمون ضرور ڏسو.
12TH FAIL (2023)
آءِ پي ايس منوج ڪمار شرما جي زندگي تي ٻڌل فلم 12هين فيل تازو آئي آهي پر فلم گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور ڏسو.
THE PURSUIT OF HAPPYNESS (2006)
هي فلم ڪرسٽوفر گارڊنر نالي شخص جي سچي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.
هي فلم هڪ طلاق يافتا شخص جي پنهنجي 6 سالن جي پٽ سان جدوجهد بابت آهي.
SUPER 30 (2019)
هريٿڪ روشن جي فلم سپر 30 آنند ڪمار جي زندگي تي ٻڌل آهي.
هي فلم ۾ پٽنا جي هڪ رياضي دان آنن جي رهنمائي ۽ تدريسي طريقن سان آءِ آءِ ٽي جي 30 اميدوارن جي هڪ بيچ هڪ ئي وقت امتحان پاس ڪري ٿي.
ERIN BROCKOVICH (2000)
هڪ بيروزگار اڪيلي ماءُ جي حقيقي زندگي تي ٻڌل ايرين بروڪووچ فلم ضرور ڏسو.
Mission Mangal (2019)
هي فلم مٿين فلمن کان ٿوري مختلف آهي، فلم مريخ جي مدار ۾ سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ جي سچي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.