پي ايس ايل 9 جو ترانو ڳايان يا نه؟ علي ظفر شوقينن کان راءِ طلب ڪري ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور راڳي علي ظفر پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن جي تراني لاءِ سوشل ميڊيا تي ووٽنگ جي شروع ڪري ڇڏي.
پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن فيبررويءَ ۾ ملڪ جي چئن مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ايونٽ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته شوقين اِهو سوچي رهيا آهن ته پي ايس ايل جو ترانو ڪهڙي راڳي جي آواز ۾ سامهون ايندو.
پي ايس ايل تراني جي ڳالهه آئي ته شوقينن جي ذهنن ۾ سڀ کان پهرين علي ظفر جو خيال ايندو آهي ڇو ته هن ٽورنامينٽ جي ٽن سيزن لاءِ ترانا ڳايا آهن جن تمام گهڻي مشهوري ماڻي هئي.
ان ڏس ۾ ايڪس تي علي ظفر پي ايس ايل 9 جي تراني بابت هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هن ڪرڪيٽ شوقينن کان سندن راءِ طلب ڪندي سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن پي ايس ايل جي نائين سيزن جو ترانو ڳايو ته پي ايس ايل ۽ پي سي بي جي برانڊ کي هٿي ملندي يا ڪو ٻيو فائدو ٿيندو؟ .


هن وڌيڪ چيو ته شوقين ايمانداري سان ووٽ ڏين، شوقينن جي چونڊ تي ڪو به اعتراض نه هوندو ڇو ته هو عام ماڻهو جي حقيقي راءِ ڄاڻڻ چاهي ٿو.
هڪ ٻي پوسٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي پوسٽ بابت پوءِ وضاحت پيش ڪندس، فلحال رڳو شوقين ووٽ ڏين.


راڳي جي پوسٽ تي ڪرڪيٽ شوقينن به پنهنجي راءِ جو ظهار ڪيو ۽ چيو ته هو به علي ظفر جي آواز ۾ پي ايس ايل 9 جو ترانو ٻڌڻ چاهين ٿا.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايديشن سترنهن فيبروي کان شروع ٿيندو، ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ملتان سلطان ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.