پي پال ذريعي رقم جي وصولي، پاڪستاني فري لانسرز لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته پهرين فيبروري کان فري لانسرز پائلٽ پراجيڪٽ تحت 10 هزار اڪائونٽ ٺهي سگهندا ۽ پي پال ذريعي رقم اڪائونٽ ۾ وصول ٿيندي.
پنهنجي بيان ۾ عمر سيف چيو ته نگران حڪومت جي 4 مهينن دوران آءِ ٽي وزارت جي ڪارڪردگي شاندار رهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل منصوبن جي وقت سر منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن چيو ته اڄ آءِ ٽي ڪمپنين کي 50 سيڪڙو ڊالر اڪائونٽ ۾ رکڻ جي سهولت ڏيڻ جي قابل بڻياسين، يونيورسٽين مان فارغ ٻه لک آءِ ٽي گريجوئيٽس کي عالمي معيار جي تربيت جو پروگرام شروع ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته فري لانسرز لاءِ ڊجيٽل پيمينٽ گيٽ وي جو وڏو مسئلو حل ڪيو ويو، پهرين فيبروري کان پائلٽ پراجيڪٽ تحت 10 هزار اڪائونٽ ٺاهيا ويندا، فري لانسرز جا اها اڪائونٽ پي پال ذريعي پنهنجي رقم هتي وصول ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.