نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم پراڻي دوست سان پرڻجي وئي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن پنهنجي پراڻي دوست ڪلارڪ گي فورڊ سان شادي ڪري ڇڏي.
43 ورهين جي جيسنڊا آرڊرن ۽ 47 ورهين جي ڪلارڪ گي فورڊ جي شادي جي نجي تقريب ڇنڇر ڏينهن ٿي.
سندن شادي سال 2022 جي منڍ ۾ ٿيڻي هئي پر ڪورونا جي عالمي وبا سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو هو.
شادي جي تقريب ۾ 50 کان 75 مهمانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جيسنڊا اڇي ۽ گهوٽ ڪاري رنگ جي خوبصورت لباس جي چونڊ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.