ليول پليئنگ فيلڊ ملي يانه، پنهنجو بندوبست ڪري ڇڏيندا آهيون: بلاول

ملتان (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته اسان 8 فيبروري تي سرپرائز ڏينداسين.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ جيل کان بچڻ چاهي ٿو ٻيو جيل مان نڪرڻ چاهي ٿو، اسان جي ۽ ٻين جماعتن جي نظريي ۾ فرق آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون جڏهن ته ٻيون جماعتون اميرن کي رليف ۽ عوام کي تڪليف ڏينديون آهن.

ان موقعي تي بلاول 8 فيبروري تي سرپرائز ڏيڻ جي به دعويٰ ڪندي چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي يا نه ملي، اسان پنهنجو بندوبست ڪري ڇڏيندا آهيون، ڪوشش آهي ته پيپلز پارٽي جو وزيراعظم بڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.