ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رڌڻي ۾ گهڻو ڪري مصالحا صحت لاءِ فائديمند هوندا آهن، انهن مصالحن ۾ کوڙ اهڙيون خاصيتون هونديون آهن جيڪي صحت جا مسئلا حل ڪن ٿيون.
ڳاڙهن مرچن ۾ پوٽاشيم جو اعليٰ معيار هوندو آهي، جيڪو بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ڳاڙهن مرچن ۾ ڪيپسيسن هوندو آهي جيڪو جسم جي ميٽابولزم کي تيز ڪري ٿو جنهن سبب ڪيلوريز گهٽجي وينديون آهن.
ڳاڙهن مرچن ۾ وٽامن سي هوندو آهي جڪو مدافعتي نظام کي مضبوط ڪندو آهي.
ڳاڙهن مرچن ۾ طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي رت جي نالين کي کولڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
ڳاڙها مرچ وٽامن اي ۽ سي سان ڀرپو هوندا آهن، هي وارن ۽ کل جي صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي، هي هاضمي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ڳاڙها مرچ ذائقي سان گڏوگڏ صحت لاءِ به فائديمند آهن.