واٽس ايپ پنهنجي آءِ فون واهپيدارن لاءِ اسٽيڪر ٺاهڻ، ايڊيٽنگ ۽ شيئر ڪرڻ وارو فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
واٽس ايپ موجب، واهپيدار هاڻي پنهنجي چيٽس کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ فوري طور تصوير کي اسٽيڪر ۾ تبديل ڪري سگهندا، يا موقعي تي ميم موڪلي سگهندا.
واٽس ايپ 2018ع ۾ اسٽيڪر فيچر متعارف ڪرايو هو، شروع ۾ ڪمپني پنهنجو اسٽيڪر پيڪ متعارف ڪرايو، پوءِ ٿرڊ پارٽي اسٽيڪر پيڪ اپ لوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
هينئر تائين واهپيدارن کي پنهنجا اسٽيڪر ٺاهڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپس جو سهارو وٺڻو پوندو هو پر واٽس ايپ اهڙين ايپس تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو آهي. واهپيدار هاڻي سڌي ريت ان سهولت مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
واٽس ايپ ذريعن موجب، فلحال اِهو فيچر آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو، پر اڃا تائين ڪمپني طرفان ان حوالي سان ڪا حتمي معلومات شيئر ناهي ڪئي وئي ته ڇا اِهو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به پيش ڪيو ويندو يا نه.
واٽس ايپ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ان بابت وضاحت ڪندي چيو آهي ته واهپيدار پنهنجا اسٽيڪرز گيلري مان شيئر ڪرڻ بدران ايپ جي اندر ئي ٺاهي سگهندا، ان سان ايپ جي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جي سيڪيورٽي کي به فائدو پهچندو.
You might also like