اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو واٽس ايپ چينل شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجو واٽس ايپ چينل باضابطا شروع ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب واٽس ايپ واهپيدار اسٽيٽ بئنڪ جي تصديق ٿيل واٽس ايپ چينل کي لاڳاپيل لنڪ يا ڪيو آر ڪوڊ ذريعي فالو ڪري سگھو ٿا، اسٽيٽ بئنڪ واٽس ايپ ذريعي پنهنجي اسٽيڪ هولڊرز کي تصديق ٿيل اطلاعن کان بروقت آگاهه ڪندي.
ترجمان موجب اهو چينل خابرن جو اهڙو ذريعو هوندو جنهن تي فالو ڪندڙن کي اسٽيٽ بئنڪ جي پاليسين، قدمن، پڌرائين ۽ آگاهيءَ جي مهمن بابت اطلاع سڌي ريت ملندا، واٽس ايپ کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمنز تي به موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.