واٽس ايپ تي ڪال رڪارڊ ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪال رڪارڊنگ لاءِ واٽس ايپ تي ڪو طريقو ناهي، ٿرڊ پارٽي ايپس جي مدد سان واٽس ايپ ڪالز رڪارڊ ڪري سگهجن ٿيون.

سڀ کان اڳ گوگل پلي اسٽور تان ڪال رڪارڊنگ ايپ ڪيوب اي سي آر ڊائون لوڊ ڪريو.

انسٽال ٿيڻ بعد هي بيڪ گرائونڊ ۾ هلڻ شروع ٿي ويندي. هاڻي واٽس ايپ تي وڃو ۽ ڪنهن کي به وائيس ڪال ڪريو.

جڏهن اوهان واٽس ايپ ڪال شروع ڪندا ته ڪيوب اي سي آر پاڻمرادو شروع ٿي ويندي.

ڪال رڪارڊنگ فون جي اندروني اسٽوريج ۾ محفوظ ٿي ويندي.

ياد رهي ته محفوظ ٿيل ڪال رڪارڊنفگ فائل مينيجر ۾ ملي ويندي، آءِ فون تي ڪال رڪارڊنگ ڪرڻ جو طريقو مختلف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.